تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

سليڪٽرز چون ٿا ته اسان جو نالو نه کڻو، توهان جمهوريت کي چوڪ تي ذبح ڪيو ۽ جعلي حڪمرانن کي تخت تي ويهاري ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان

اسان ڪيئن خاموش رهي سگهون ٿا، ملڪ ۾ سياست کي ڪنهن جي به هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو: جي يو آءِ سربراهه

ادارن طرفان سياست ۾ مداخلت تي معافي وٺڻ تائين تحريڪ جاري رکي ويندي، ٻيٽن تي والار غيرآئيني آهي:جلسي کي خطاب

گجرانوالا (بيورو رپورٽ) عوام پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو ته جعلي حڪمران ڊسمبر جو مهينو به نه ڏسي سگهندا، سليڪٽر چون ٿا ته اسان جو نالو نه کڻو، توهان جمهوريت کي چوڪ تي ذبح ڪيو ۽ جعلي حڪمرانن کي تخت تي ويهاري ڇڏيو، اسان ڪيئن خاموش رهي سگهون ٿا، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياست کي ڪنهن جي به هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ادارن طرفان سياست ۾ مداخلت تي معافي وٺڻ تائين تحريڪ جاري رکي ويندي، گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جَي جلسي کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان ٻيٽن تي وفاقي والار کي غيرآئيني قرار ڏيندي چيو ته جعلي حڪمران ساحلي پٽي ۽ سامونڊي حدن تي صوبن کان اختيار کسڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهن، اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، صوبن جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق آهي.

Bookmark the permalink.