تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

سليم ملڪ تاحيات پابندي ڪيس: انڊپينڊنٽ ايڊجوڊيڪٽر وٽ اڄ وري ٻڌڻي: ڌريون طلب

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم ملڪ تي تاحيات پابندي ڪيس ۾ انڊپينڊنٽ ايڊجوڊيڪٽر وٽ اڄ وري ٻڌڻي ٿيندي جڏهن ته ڌرين کي طلب ڪيو ويو آهي. هور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس رٽائرڊ فضل ميران چوهاڻ اڳوڻي ڪپتان پاران داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ڪندو.ٻڌڻي دوران آءِ سي سي پاران فراهم ڪيل اپريل 2000 جي ٽرانسڪرپٽ گفتگو تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان سليم ملڪ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ان ٽرانسڪرپٽ گفتگو تي اڃا تائين عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، انڊيپينڊنٽ ايڊجوڊيڪر جي منظوري بعد ٻڌڻي جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان ڪيو ويندو. جڏهن ته هن وقت پي سي بي ان معاملي تي ڪوبه تبصرو ڪرڻ کان انڪاري آهي.

Bookmark the permalink.