تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سلوانيا ڪورونا تي ضابطو آڻيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو

ڪراچي (دلچسپ نيوز) سلوانيا پهريون يورپي ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن اعلان ڪيو آهي ته اتي ڪورونا وائرس جي وبا جي پڄاڻي ٿي وئي آهي ۽ اهو اشارو ملي ٿو ته ڪووڊ-19 جي پکيڙ سست ٿي وئي آهي. اهڙي اعلان باوجود وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ مختلف اپاءَ برقرار رکيا ويندا ۽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين مختلف پابنديون لاڳو هونديون. سلوانيا مخصوص سرحدي ماڳن کي کولڻ جو اعلان به ڪيو آهي جنهن سان يورپي يونين جي شهريت رکندڙ ڪجهه ماڻهن کي پاڙيسري ملڪن ۾ داخلا جو موقعو ملي سگهندو. سلوانيا ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 4 مارچ تي سامهون آيو هو ۽ هڪ هفتي کانپوءِ 12 مارچ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. 20 لک آبادي جي ملڪ ۾ 14 مئي تائين 1465 ڪيسز ۽ 103 فوتگين جي تصديق ٿي هئي جڏهن ته نيشنل انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ هيلٿ گذريل 14 ڏينهن ۾ 35 ڪيسز جي تصديق ڪئي هئي. هلندڙ مهيني جي آخر تائين اسڪول، ريسٽورينٽس ۽ اهڙا دڪان بند رکيا ويندا جتي ضروري شيون وڪرو نٿيون ڪيون وڃن.

Bookmark the permalink.