تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

سلطان خواجا سميت 8 پوليس آفيسرن کي 20 مان 21 هين گريڊ ۾ ترقي

اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سلطان خواجا ۽ عبدالخالق شيخ سميت 8 پوليس آفيسرن کي گريڊ 20 کان 21 ۾ ترقيون ڏئي ڇڏيون.اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عبدالرزاق چيما کي گريڊ ويهه کان 21 ۾ ترقي ڏئي سندس خدمتون بلوچستان حڪومت کان واپس وٺي پنجاب حوالي ڪيون ويون، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ او ايس ڊي جون ذميواريون سنڀاليندڙ طارق نواز ملڪ کي گريڊ ترقي ڏئي سندس خدمتون ايف آءِ اي حوالي ڪيون ويون.سلطان خواجا کي گريڊ ويهه کان 21 ۾ ترقي ڏئي سندس مقرري کي ايف آءِ اي ۾ برقرار رکيو ويو، عبدالخالق شيخ کي گريڊ 21 ۾ ترقي ڏئي خدمتون سنڌ صوبي ۾ ئي برقرا رکيو ن ويون، جڏهن ته محمد زبير هاشمي،فياض احمد، احسان طفيل کي به گريڊ ويهه کان 21 ۾ ترقي ڏئي سندن مقرريون ساڳئي هنڌ برقرار رکيون ويون.زبير هاشمي جي نيشنل هاءِ وي موٽروي پوليس، جڏهن ته فياض احمد ۽ احسان طفيل جي ترقي کانپوءِ خدمتون پنجاب صوبي ۾ برقرار کيون ويون.

Bookmark the permalink.