تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سعيد غني غلط بياني ڪئي آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا طرفان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي فلور تي غلط بياني ڪئي آهي ته مون گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڦيرڦار ڪيل رپورٽ پيش ڪئي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا طرفان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي احتجاج، خط ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته 5 جون 2020 ع تي سعيد غني طرفان ڏنل بيان بي بُنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد هڪ آئيني فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ساک کي ڇيهو رسائڻ آهي، صوبائي وزير سعيد غني غلط بياني ڪري اسيمبلي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسپيڪر جي ذميواري آهي ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جو عمل ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري.

Bookmark the permalink.