تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سرڪيولر ريلوي تان قبضا هٽائبا، شهري بندوبست ڪن: شيخ رشيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي تي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت هڪڙي ئي پيج تي آهن، اڄ سرڪيولر ريلوي جو نقشو جاري ڪنداسين، جنهن کي ڏسي شهري پنهنجو بندوبست پاڻ ڪن، ڪالهه ڪراچي پهچڻ بعد هن سرڪيولر ريلوي جي گيلاني، ناظم آباد، گلبائي، شاهه عبدالطيف اسٽيشن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي تي 10 ارب رپيا خرچ ڪرڻ وڃون پيا، آئون ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ هر پندرنهن ڏينهن ڪراچي ايندس، هن چيو ته سرڪيولر ريلوي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي ڏنل حڪم تي عمل ڪريون پيا، سرڪيولر ريلوي جي زمين تي قبضا جلد هٽائينداسين، هن چيو ته اڄ سرڪيولر ريلوي جو نقشو جاري ڪنداسين، انهي کي ڏسي ماڻهو پنهنجو بندوبست پاڻ ڪن.

Bookmark the permalink.