تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

”سرڪاري گاڏيون موٽايو“: شگفته جماڻي، شرميلا، اصغر جوڻيجو ۽ ڪليم لاشاري کي نوٽيس

اڳوڻي صلاحڪارناديه گبول،اڳوڻي سينيٽرالماس پروين،احسان جعفري،اڳوڻي ايم پي اي شهنازبيگم کي نوٽيس مليا

محمد خان جوڻيجو، مير نصير کوسو، جاويد شاهه هاشمي، اڳوڻي ايم پي اي نورجهان بلوچ خلاف ڪارروائي ٿيندي

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ سرڪار جون ڪيتريون ئي گاڏيون اڳوڻن صلاحڪارن ، چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن جي قبضي هيٺ، سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل واري کاتي پاران سرڪاري گاڏيون واپس نه اڪندڙن کي نوٽيس جاري پهرين مرحلي ۾ پ پ جي ايم اين اي شگفته جماڻي، انساني حقن بابت اڳوڻي صلاحڪار ناديه گبول، اڳوڻي سينيٽر الماس پروين، احسان رضا جعفري، اڳوڻي ايم پي اي شهناز بيگم، اڳوڻي صلاحڪار اصغر جوڻيجو، سندس والد محمد خان جوڻيجو، اڳوڻي صلاحڪار مير نصير کوسو، اڳوڻي صلاحڪار جاويد شاهه هاشمي، اڳوڻي ايم پي اي نورجهان بلوچ، ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير شرميلا فاروقي کي گاڏين جي واپسي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ساڳئي وقت سرڪاري آفيسرن مصطفي جمال قاضي، موجوده ڊي سي اولهه فياض عالم سولنگي، جعلي ڊگري جي الزام هيٺ معطل ٿيل تعليم کاتي جي اڳوڻي اسپيشل سيڪريٽري سيد ذاڪر حسين، گلزار علي ميمڻ، پاپوليشن کاتي جي آفيسر الهرکيو خاصخيلي، مزمل هاليپوٽو، خليل احمد سومرو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري کاتي جي آفيسر نديم جعفري، اڳوڻي سيڪريٽري ڪليم الله لاشاري، ريحام بگٽي ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ثاقب سومرو کي پڻ سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي، ذريعن موجب سرڪاري گاڏيون حاصل ڪندڙ آفيسر توڙي مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙن کي اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا گاڏين جي واپسي لاءِ ليٽر لکيا ويا آهن پر اهي گاڏيون واپس نه پيا ڪن، ، ٻئي طرف گاڏين جي واپسي جي حوالي سان ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور ڪناسرو ٻڌايو ته سندس کاتي جون 3 گاڏيون گم آهن، جن جي ڪا خبر ناهي، باقي ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير شرميلا فاروقي وٽ 3 گاڏيون آهن، اسان به سرڪار کي رپورٽ اماڻي ڇڏي آهي، هوڏانهن ڊي سي اولهه فياض عالم سولنگي ٻڌايو ته کيس گاڏي جي واپسي لاءِ نوٽيس مليو، هن ڪالهه ئي گاڏي واپس ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير شرميلا فاروقي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون هيون، جيڪي هاڻ ڪامورن جا پنهنجا ماڻهو استعمال پيا ڪن ۽ نالو اسان جو استعمال ٿئي ٿو، آئون ان حوالي سان وڏي وزير کي به ٻڌائي چڪي آهيان، واضح رهي ته سنڌ جي مختلف کاتن جون 400 کان وڌيڪ گاڏيون اڳوڻن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن جي قبضي هيٺ آهن،

Bookmark the permalink.