تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

سرهاري ويجھو شاخ مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ، شهدادپور اسپتال منتقل

سرھاري ( ن پ ا ) سرھاري ڀرسان شاخ مان تازي ڄاول ٻار جو لاش ھٿ آيو آهي. سرھاري شھر کان ھڪ ڪلو ميٽر مفاصلي تي ريلوي پٽڙي جي صيفن موري وٽ سرھاري شاخ مان تازي ڄاول ٻار جو لاش ھٿ آيو. شاخ جي بيلدار ارشاد ڏاھري ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته شاخ تي موجود ٻارن ۽ ڌنارن موري وٽ ڦاٿل پلاسٽڪ جي ٿيلي ڏسي مون کي ٻڌايو جنھن کي اسان شاخ مان ٻاھر ڪڍي کوليو ته تازي ڄاول ٻار جو لاش ڪپڙي ۾ ويڙھيل ھو، جنھن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو. سرھاري پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي سرھاري اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر موجود نه ھجڻ ڪري پوليس لاش شھدادپور اسپتال اماڻي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.