تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سرحد ڀرسان ڪمند جي فصل ويجھو پيرسن جو لاش هٿ

سرحد (رپورٽر) سرحد باءِ پاس وٽ ڪمند جي فصل ويجھو رستي سان ايندڙ ماڻهن پاران پيرسن جو لاش ڏٺو ويو جنهن بعد ماڻهن پاران سرحد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي واقعي واري هنڌ پهچي جتي لاش جي جيب مان شناختي ڪارڊ مليو جنهن جي سڃاڻپ گھوٽڪي جي گھوٽا مارڪيٽ جي رهواسي فضل الدين پٺاڻ ولد عبد الرحمٰن نالي ٿي. سرحد پوليس پاران گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڪري انهن کي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد گھوٽڪي پوليس لاش سول اسپتال گھوٽڪي کڻائي وئي، اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ هو ته جڏهن اسين هت پهتاسين ته پيرسن بيهوش پيل هو ۽ هو ساهه به کڻي پيو ليڪن جلد ئي فوت ٿي ويو

Bookmark the permalink.