تازا ترين
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

سرحد ويجهو پنج ڏينهن اڳ ميلي تان موٽندڙ نينگر سميت مبينا طور اغوا ٿي ويل چئن مغوين کي پوليس سان ڊيل ٿيڻ بعد ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو

بااثر ماڻهن جَي معرفت پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ڊيل ٿي: چارئي مغوي بااثر حوالي:ذريعا

مغوين ۾ فوجي اهلڪار جاويد ميراني، ستن ورهين جو نينگر مقداد،قربان ۽ شهزاد شامل

سرحد (ن پ ا) جھانپور شريف ۾ پنج ڏينهن اڳ انور علي شاھ جي ميلي تان واپس موٽندڙ نينگر سميت مبينا طور اغوا ٿي ويل چئن مغوين کي پوليس سان ڊيل ٿيڻ بعد ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته چئني مغوين کي بااثر ماڻهن حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بااثر ماڻهن جَي معرفت پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ڊيل ٿي. ستن سالن جَي نينگر مُقداد علي، فوجي جوان جاويد ميراڻي، قربان ۽ شهزاد ميراڻي کي اغوا ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.