تازا ترين
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

سرحد واسڻ اوٻاوڙي جي نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي، گھر تي مبينا قبضو

گهوٽڪي (رپورٽر) سرحد واسڻ اوٻاوڙي جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد سندن گھر تي مبينا قبضو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ناري فرزانا ڪوري نوجوان علي اڪبر ڪوري سان گهوٽڪي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي، جنهن بعد ناري فرزانا ڪوري پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد مائٽ الھوڌايو ڪوري،الھوراي، شفيع محمد، جمال الدين، حفيظ اللّه، مولابخش، الاهي بخش، قادربخش ڪوري ۽ ٻيا مونکي ۽ منهنجي مڙس علي اڪبر ڪوري کي ڪارو ڪري مارڻ چاهين ٿا ۽ منهنجي مڙس جي گهر تي قبضو ڪري پنهنجا هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، قبضو ختم ڪرايو وڃي، عدالت اهڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اوٻاوڙو پوليس کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.