تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سرحد مان اغوا ٿيل فوجي اهلڪار سميت 4 ڄڻا راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب

سرحد (رپورٽ حاڪم ابڙو) سرحد ٿاڻي جي حد صوفي بزرگ انور شاهه جي ميلي تان پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ محمد عظيم ميراڻي جي رهواسي فوجي اهلڪار جاويد ميراڻي، سندس معصوم نينگر مقداد علي، قربان ۽ شهزاد ميراڻي سميت چار ماڻهن کي پوليس پاران راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل سرحد، آندل سندراڻي ، ٻيلو ميرپور ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي مغوين جي بازيابي جو ٽاسڪ ڏئي ڪچي ۾ آپريشن توڙي هر قسم جو فري هينڊ ڏئي ڇڏيو هو اهڙي ٽاسڪ ملڻ پوليس جي وڏي نفري وٺي ڪچي ۾ بااثر ماڻهن معرفت ڌاڙيلن سان راڄوڻي ڳالهيون ڪري مغوين جي آزادي لاءِ چيو هو جنهن تي گذريل ٻن ڏينهن کان هلندڙ ڳالهين ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس آڏو ڪجهه شرط رکيا ويا جنهن ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪچي ۾ ڀيا فور ۾ لڳل پوليس پڪٽ کي ختم ڪرڻ ، رونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جوڙيل اسپيشل ٽيم جي انچارج عبدالشڪور لاکو کي هٽائي ضلعي بدر ڪرڻ سميت ٻيون شرطون رکيون ويون هنيون ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز اهڙي ڌاڙيلن جي شرطن بابت ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کي پڻ آگاهه ڪيو هو، ان سلسلي ۾ پوليس جي ذريعن موجب ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون بااثر ماڻهن معرفت ٻن ڏينهن جي ڪوشش بعد آخرڪار ڪامياب ٿي ويون آهن ذريعن موجب رات دير سان فوجي اهلڪار سميت چار مغوين کي بااثر ماڻهن معرفت ڌاڙيلن پوليس حوالي ڪري ڇڏيا هئا ۽ پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ بابت پلان جوڙي رهي هئي ذريعن جو چوڻ هو ته رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي به وقت سندس ڌاڙيلن سان مقابلي بعد مغوين جي بازيابي ڏيکاري ويندي جڏهن ته پوليس جي ذريعن اهو پڻ ٻڌايو ته مغوين جي وارثن کي پڻ آزادي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي گهرن ۾ سندس خوشيون ۽ عيد جهيڙو منظر شروع ٿي ويو .

Bookmark the permalink.