تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

سراج دراني ڪيس ۾ ڀاڳيلن کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف ڪيس ۾ مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت تفصيلي رپورٽ 17 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه عدالت ۾ نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته مفرور جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ کيس مهلت ڏني وڃي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. هوڏانهن ٻڌڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت قانونسازي جي حمايت يا مخالفت جو فيصلو پارٽي ڪندي، هو جيل ۾ هجڻ ڪري اهڙن فيصلن ۾ نه ٿو ويهي، هن ايڪتا واري ڏهاڙي بابت ڳالهائيندي چيو ته هن پهرين ڊسمبر تي جيل ۾ ئي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو هو، وڏي وزير پاران شاگرد يونين جي بحالي جي منظوري تي آغا سراج دراني چيو ته يونين جي بحالي شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو. پيپلز پارٽي پاڻ به شاگرد يونينز مان وجود ۾ آئي آهي.

Bookmark the permalink.