تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

سجاول ۾ ڪاسائين ڪات ٺپائي ورتا، قرباني لاءِ بڪنگ شروع، لوهارن جون به موجون

عيد اچڻ سان سجاول ضلعي ۾ لوهارن ۽ ڪاسائين جو روزگار کلي ويو، ڪات، ڇريون ۽ اوزار تپائي تيز ڪري ڇڏيا

وڏا ڪات ۽ ڪھاڙيون ٺپي ۽ سراڻ ڪري تيز ڪرڻ جو 50 کان 100 روپيا، ننڍين ڪاتين کي ٺپڻ لاءِ 30 روپيا ورتا پيا

سجاول(رپورٽ مشتاق سعيد) سجاول ۾ ڪاسائين ڪات ٺپائي ورتا، لوھارن جون موجون، قرباني ڪرڻ لاءِ ڪاسائين جي بڪنگ شروع، ھڪ جانور ذبح ڪرڻ جو معاوضو 2 ھزار کان 5 ھزار رپيا مقرر، ڪاسائي ملڻ مشڪل ٿي ويا. قرباني واري عيد اچڻ سان سجاول ضلعي ۾ لوھارن، اوزار سراڻ ڪندڙن ۽ ڪاسائين جو روزگار کلي ويو آھي ڪاسائين پاران جانور ذبح ڪرڻ لاءِ ڪات، ڇريون ۽ ٻيا اوزار لوھارن کان تپائي تيز ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن جنھن ڪري اوزارن کي سراڻ چاڙھيندڙ ۽ اوزار ٺپيندڙ لوھارن جون موجون ٿي ويون آھن وڌا ڪات ۽ ڪھاڙيون ٺپي ۽ سراڻ ڪري تيز ڪرڻ جو 50 کان 100 رپيا معاوضو ورتو پيو وڃي جڏھن ته ننڍين ڪاتين کي ٺپڻ لاءِ 20 کان 30 رپيا /ورتا پيا وڃن ڪاسائين کان علاوه گھرن ۾ گوشت وڍڻ لاءِ شھرين توڙي ڳوٺاڻن پاران پڻ ڪاتيون، چاقو ۽ ڇريون ٺپائڻ جو سلسلو جاري آھي ٻي طرف شھرين قرباني جا جانور ذبح ڪرائڻ لاءِ ڪاسائين جي ايڊوانس بڪنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آھي ڪاسائين پاران پڻ وڏا اگھه مقرر ڪيا ويا آھن ان ڏس ۾ ڪاسائين عيدو ڪھرائي، اميد علي ڏڦائي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان ڇيلو، ٻڪر ۽ ٻيا ننڍا جانور ذبح ڪرڻ جو معاوضو 2 ھزار رپيا وٺون ٿا جڏھن ته ڳئون، مينھن، پاڏا ۽ ٻيا وڏا جانور ذبح ڪرڻ جي مزدوري 5 ھزار رپين تائين وٺون ٿا ھنن چيو ته جانور کي صرف ذبح ناھيون ڪندا پر ذبح ڪرڻ بعد کل لاھي گوشت وڍي تيار ڪري ڏيندا آھيون ۽ ھڪ جانور جي قرباني ۾ 2 کان 3 ڪلاڪن جو وقت لڳي ويندو آھي ۽ ڪاسائي سان گڏ ھيلپر پڻ ڪم ڪندا آھن ۽ ملندڙ معاوضو ورھائي کڻندا آھيون ھوڏانھن لوھارن پرڪاش ڪاريو، رميش ۽ ٻين ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب لڳاتار بي روزگار ھئاسين عيد اچڻ سان روزگار کليو آھي ڪات ۽ ٻيا اوزار ٺپڻ کان علاوه ڪاتين ۽ ڇرين جو وڪرو پڻ ٿيڻ شروع ٿيو آھي جنھن ڪري ڪجھه ڏوڪڙ ڪمائڻ جو موقعو مليو آھي

Bookmark the permalink.