تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سجاول ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد سان بدفعلي جو جوابدار گرفتار

سجاول(رپورٽر) سجاول پوليس شاگرد سان مبينا بدفعلي ڪندڙ مک جوابدار گرفتار کي گرفتار ڪري ورتو آھي. سجاول جي حق آبادڪالوني جي رھواسي نائين درجي جي شاگرد عرفان ڪوريجو سان 6 ڏينھن اڳ مبينا طور ٻن جوابدارن اجتماعي بدفعلي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي ھئي متاثر نينگر جي چاچي ناٿو خان ڪوريجو جي فرياد تي سجاول پوليس ٻن جوابدارن پپو شيدي ۽ جنيد ڀان خلاف جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ھو گذريل ڏينھن ايس ايچ او سجاول آفتاب جاگيراڻي ڪارروائي ڪري ڪيس جي مک جوابدار پپو شيدي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي پوليس موجب جوابدارن جي ڳولا جاري ھئي اطلاع ملڻ تي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي ۽ سندس ساٿي کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ زيادتي جو شڪار نينگر کي انصاف ڏياريو ويندو

Bookmark the permalink.