تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سجاول ۾ عورت سان ڀاءُ سامهون مبينا اجتماعي زيادتي: ڪيس داخل: 2 جوابدار گرفتار

ڳوٺ موسيٰ لونٺيو واسڻ 5 ٻارن جي ماءُ سڪيناايس پي وٽ پهچي زيادتي جي شڪايت ڪئي

اسلم، امين ۽ لطيف سميت 4 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل: پوليس 2 کي گرفتار ڪري ورتو

سجاول(رپورٽر) سجاول ڀرسان آپڪا اڳواڻ جي زال کي ڀاءُ سامهون اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف، 4 جوابدارن تي ڪيس داخل، پوليس 2 گرفتار ڪري ورتا، ان ڏس ۾ جاتي روڊ تي ڳوٺ موسيٰ لونٺيو واسڻ 5 ٻارن جي ماءُ مسمات سڪينا زال سومار لونٺيو الزام لڳايو آهي ته ھفتو اڳ پنھنجي ڌيءَ جي گھران واپسي تي برادري جي 4 جوابدارن موٽر سائيڪل روڪي ڀاءُ مير حسن سامهون اجتماعي زيادتي ڪئي. هوڏانهن ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر نوٽيس وٺندي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنھن بعد پوليس متاثر عورت جي فرياد تي 4 جوابدارن اسلم ولد اڱاريو، اسلم ولد الھڏنو، امين ۽ لطيف خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي. پوليس ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدارن اسلم ۽ امين کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن ته عورت جا جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن. متاثر عورت جي مڙس سومار لونٺيو ٻڌايو ته بااثر ميڊيڪل رپورٽ بدلائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪريو وڃي.

Bookmark the permalink.