تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سجاول ۾ صاف پاڻي اسڪيم ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع، رڪارڊ ضبط

سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ ساڍا 4 ڪروڙ جي لاڳت سان شروع ڪيل ۽ رولڙي جو شڪار ٿيل فلٽر پلانٽ اسڪيم سميت ضلعي جي سمورين پاڻي اسڪيمن جي ڪمن ۾ مبينا گھوٻين جي جاچ شروع ٿي وئي آهي، ميجسٽريٽ جي موجودگيء ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم پبلڪ ھيلٿ آفيس تي ڇاپو هڻي گذريل 4 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران سجاول شھر جي ڏيڍ لک انساني آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ڪرڻ لاء ساڍا 4 ڪروڙ روپين جي لاڳت واري فلٽر پلانٽ اسڪيم سنڌ حڪومت کان منظور ڪرائي ڪم شروع ڪيو ويو پر بعد ۾ ڪورونا ايمرجنسي سبب ڪم اڌ ۾ روڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين ٻيھر شروع نه ڪيو ويو آھي. ڄاڻايل اسڪيمن ۾ ڪرپشن جون شڪايتون ملڻ تي ڪالھ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سرڪل آفيسر بھادر علي مگسي جي اڳواڻي ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ سجاول منير احمد جگسي جي موجودگي ۾ پبلڪ ھيلٿ آفيس سجاول تي ڇاپو ھڻي گذريل 4 سالن جو رڪارڊ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي پر آفيس مان ڪا گرفتاري نه ڪئي وئي. سرڪل آفيسر بھادر علي مگسي ٻڌايو ته 2017ع کان 2020ع تائين جو پاڻي اسڪيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ترقياتي رٿائن بابت رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آھي رڪارڊ جي چڪاس مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.