تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

سجاول ۾ رجسٽرڊ 8 مقامي اين جي اوز جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو فيصلو

سجاول: سجاول ضلعي ۾ رجسٽرڊ 8 مقامي اين جي اوز جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو يوو آهي، سوشل ويلفيئر آفيسر لياقت سھتو ٻڌايو ته رجسٽرڊ تنظيمون وڏي عرصي کان غير فعال آھن جنھن ڪري سندن رجسٽريشن رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، لاڪ ڊائون ختمٿيڻ ۽ آفيسون کلڻ بعد غير فعال تنظيمن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي. هوڏانهن سجاول جي سماجي اڳواڻن پاران وائرس جي وبا دوران ماڻھن کي ماسڪ، سينيٽائزر، صابڻ ۽ ٻيو صفائي جو سامان ڏيڻ توڙي وائرس کان بچڻ لاء جاڳرتا جا مھم جا پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي مختلف تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ عزيز سرواڻ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته بيماري کان بچاءُ لاءِ ڳوٺن ۾ جاڳرتا مھم ھلائي سگھجي ٿي ۽ بي روزگار ٿيل طبقي لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري سگھجي ٿو. ملازمن آصف، رشيد، طاھره ۽ ٻين ٻڌايو ته وبا سبب سمورين اين جي اوز ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري بي روزگار ٿي ويا آھيون ۽ گذر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آھي

Bookmark the permalink.