تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

سجاول ۾ بد امني، هڪ ئي رات دوران ٻن دڪانن مان چوري ٿي وئي

سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ ھڪ ئي رات اندر واپاري ايسوسيشن جي صدر جي دڪان سميت ٻن دڪانن مان چوري ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ سجاول جي مک بس اسٽاپ تي واقع واپاري ايسوسيشن جي صدر ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻ نياز ميمڻ جي ريزڪي دڪان جا تالا ٽوڙي اڻ ڄاتل جوابدار ھزارين رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، ساڳي رات چور انبن جي واپاري لال بخش بروھي جي دڪان جا پڻ تالا ٽوڙي انبن جون پيتيون چوري ڪري ويا. چورين جو اطلاع سجاول پوليس کي ڏنو ويو پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آھي. شھري اتحاد جي اڳواڻن منير ميمڻ، اڪرم ميمڻ، اعظم عمراڻي ۽ ٻين چوري واقعن جي مذمت ڪندي چيو آھي ڪجھه ڏينھن اڳ صحافي امتياز ميمڻ جي گھران پڻ چوري ٿي وئي ھئي جيڪا واپس نه ٿي سگھي آھي شھر ۾ بدامني وڌي وئي آھي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته جوابدارن خلاف ڪارروايون ڪري بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.