تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

سجاول ڀرسان ڪڻڪ جي پنجاب اسمگلنگ ناڪام: 60 ٽن ڪڻڪ سان ڀريل 2 گاڏيون هٿ

سجاول (ن پ ا) سجاول ڀرسان خوراڪ کاتي ڪڻڪ جي پنجاب اسمگلنگ ناڪام بڻائيندي 60 ٽن ڪڻڪ سان ڀريل 2 گاڏيون تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. فوڊ انسپڪٽر علي محمد لغاري موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري 2 ٽرالرن ۾ ڀريل 800 سئو ڪڻڪ جون ٻوريون ضبط ڪيون ويون آهن. فوڊ انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته چوهڙجمالي جو واپاري اشوڪ ڪمار ۽ جاتي جو پرڪاش ڪمار ڪڻڪ پنجاب موڪلي رهيا هئا، جن اها ڪڻڪ زخيرو ڪري رکي هئي. خوراک کاتي جي عملدارن موجب ڪڻڪ جي چر پر تي بندش آهي، ڪڻڪ پنجاب اسمگلنگ ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.