تازا ترين
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

سجاول واسڻ نجما ذهني طور صحتمند قرار: اسپتال داخل ڪرڻ کان انڪار: رپورٽ موڪلي وئي

عدالتي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ ناري کي حيدرآباد جي اسپتال آندو، جتي ٽيسٽون ڪيون ويون

نجما پوليس تحويل کان اڳ صحت لاءِ هاڃيڪار شيون واپرايون: سينئر ڊاڪٽر

حيدرآباد /سجاول (بيورو رپورٽ+ رپورٽر) حيدرآباد ۾ نفسياتي بيمارين جي علاج واري اسپتال سجاول واسڻ ذهني معذور ناري نجما ڪاتيار کي صحتمند قرار ڏيندي رپورٽ لاڳاپيل عدالت کي موڪلي ڇڏي آهي. سجاول جي سول ڪورٽ جي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ ناري کي نفسياتي بيمارين جي اسپتال منتقل ڪيو جتي سينيئر ڊاڪٽرن تي ٻڌل هڪ بورڊ نجما ڪاتيار جي ذهني صحت بابت جائزو ورتو ۽ پنهنجي رپورٽ لاڳاپيل عدالت کي موڪلي. حيدرآباد جي نفسياتي بيمارين جي اسپتال جي سينيئر ڊاڪٽر ٻڌايو ته ناري نجما ڪاتيار نه رڳو جسماني پر ذهني طور به صحتمند آهي. اهڙي رپورٽ لاڳاپيل عدالت کي موڪلي آهي. هن چيو ته پوليس جي تحويل کان اڳ ۾ ناري صحت لاءِ هاڃيڪار شيون پڻ واپرائيندي رهي آهي. اهي شيون به ماڻهو جي ذهني ۽ جسماني صحت تي اثر ڇڏين ٿيون. هن چيو ته جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون رپورٽ جو حصو نه بڻايون ويون آهن ڇاڪاڻ ته عدالت صرف ناري جي ذهني صحت جي حوالي سان معلومات ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. ڊاڪٽر دعويٰ ڪئي ته جڏهن ناري ذهني ۽ نفسياتي طور بيمار نه آهي ته پوءِ هن کي اسپتال ۾ ڪيئن داخل ڪجي ها. واضح رهي ته ميڊيا ۾ اهي خبرون هليون هيون ته ناري نجما ذهني طور معذور آهي، کيس لڄالٽ جو نشانو بڻائي سندس حمل پڻ ڪيرايو ويو آهي.ناري بابت سول ڪورٽ ۾ 7 مارچ تي ٻڌڻي پڻ رکيل آھي.

Bookmark the permalink.