تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سجاول هاءِ اسڪول اڃا تائين قرنطينا بڻيل، برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿيو

سجاول(رپورٽر) ڪورونا ايمرجنسي دوران بند ڪرايل سنڌ جا اسڪول ٻيھر کلڻ بعد سجاول بوائز ھاء اسڪول اڳيان بيٺل برساتي گندو پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، جنھن ڪري استادن ۽ شاگردن کي اسڪول اچڻ ۽ وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن. ان کان علاوه اسڪول جي وقت سر صفائي نه ٿي سگھڻ جو سبب ٻڌائيندي ھيڊ ماستر ڊي اي او تعليم سميت ضلعي عملدارن تي الزام ھنيو آھي ته عملدار وقت سر اسڪول جي عمارت خالي نه ڪرائي سگھيا آهن، جنھن ڪري صفائي ۽ ٻيو انتظام وقت سر نه ٿي سگھيو آهي. ان ڏس ھيڊ ماستر اعظم عمراڻي چيو ته ڪورونا ايمرجنسي دوران اسڪول بند ٿيا ته پاڪ نيوي پاران اسڪول جي عمارت ۾ ڪورنٽائين سينٽر قائم ڪيو ويو ھو، وري جڏھن 15 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان ٿيو ته اسان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سميت ٻين ضلعي عملدارن کي چيو ته اسڪول مان ڪورنٽائين سينٽر ختم ڪرائي عمارت خالي ڪرائي ڏيو ته جيئن وقت سر ڦوھارو ڪرائي ۽ اسڪول جي صفائي ڪرائي سگھجي پر ضلعي عملدار نيوي وارن کان عمارت خالي ڪرائي نه سگھيا آهن، جنھن ڪري صفائي جو مسئلو ٿيو، ھن چيو ته اسڪول اڳيان اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آھي جنھن ڪري مڇر ۽ ٻيا جيت جراثيم پيدا ٿيڻ ۽ بيماريون ڦھلجڻ جو پڻ امڪان آھي ھن مطالبو ڪيو ته اسڪول اڳيان گندو پاڻي نيڪال آزار کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

Bookmark the permalink.