تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

سجاول ضلعي ۾ لاڪ ڊائون سبب اسٽيشنري جي رسد بند، سامان جو بحران پيدا ٿي ويو

سجاول(رپورٽ: مشتاق سعيد) ڏيڍ مھيني کان وڌيڪ لاڪ ڊائون سبب سجاول ضلعي ۾ اسٽيشنري جي سامان جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي اعلان باوجود ضلعي ۾ اسٽيشنري جا دڪان بند ھجڻ ڪري خانگي اسپتالن، پيٽرول پمپن، سي اين جي اسٽيشنز، زرعي فارمن ۽ نجي ادارن توڙي غير سرڪاري تنظيمن کي بل بڪس، ليٽر پيڊز، رسيدون، ڪاغذ ۽ قلم سميت اسٽيشنري جو سامان نه ملي سگھيو آهي. ادارا ۽ ماڻھو ڏکيائين کي منھن ڏيڻ لڳا آهن. گذريل ڏيڍ مھيني کان وڌيڪ عرصي تائين لاڳيتو لاڪ ڊائون ۽ ٽراسپورٽ بند ھجڻ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد کان اسٽيشنري جو سامان سجاول ضلعي ۾ اچڻ بند ٿي ويو آھي ۽ ضلعي جي شھرن ۾ قائم اسٽيشنري جا دڪان پڻ لڳاتار بند آھن سرڪار پاران لاڪ ڊائون ۾ نرمي باوجود ضلعي ۾ اسٽيشنري جي دڪان نه کلي سگھيا جنھن ڪري ليٽر پيڊس، بل بڪس، رسيدون، ڪورا ڪاغذ، قلم ۽ فائلن سميت اسٽيشنري جي مختلف سامان جي ضلعي اندر کوٽ پيدا ٿي وئي آھي کوٽ سبب سجاول ضلعي جي 5 تعلقن کاروڇاڻ، شاھبندر، سجاول، جاتي ۽ ميرپور بٺورو ۾ قائم ڪيترن ئي پيٽرول پمپس، سي اين جي اسٽيشنز، زرعي فارمن، فش فارمن، مختلف نجي ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي آفيسن مان اسٽيشنري جو سامان ختم ٿيڻ لڳو آھي ۽ ڪم ڪندڙ عملي کي مشڪلات پيش اچي رھي آھي ان ڏس ۾ غير سرڪاري تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ زرعي فارمز جي مينيجرز عزيز سرواڻ، سلمان عمراڻي، اڪبر زنگيجو۽ ٻين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته لڳاتار لاڪ ڊائون سبب اسٽيشنري جا دڪان بند آھن ۽ ٽراسپورٽ پڻ نه پئي ھلي جنھن ڪري اسان وٽان قلم ۽ ڪورن ڪاغذن سميت اسٽيشنري جو مختلف سامان ختم ٿي ويو آھي جنھن ڪري اسان لکپڙھ ڪرڻ ۽ مختلف معاملن جو حساب ڪتاب لکڻ لاء مشڪلات ۾ اچي ويا آھيون

Bookmark the permalink.