تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

سجاول سول ڪورٽ مان ٻن ڄڻن کي کنڀڻ جي ڪوشش، جھيڙو

سجاول (ن پ ا) سجاول ٿاڻي تي ڦر ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن وسيم شيخ ۽ شاھجھان شيخ پاران وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، سيشن ڪورٽ ٻنھي ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪندي مچلڪا ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سجاول ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ڄاڻايل جوابدار وڪيل سان گڏ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سجاول پھتا ۽ گھربل مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد ضمانتي ليٽر ملڻ جو انتظار ڪري رھيا ھئا ته سجاول پوليس عدالتي احاطي ۾ داخل ٿي کين کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران ڄاڻايل جوابدارن سان گڏ آيل سندن رشتيدارن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا. عدالتي عملي ۽ وڪيلن وچ ۾ پئي جھيڙو ٽاريو ۽ پوليس کي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ٿي چڪي آھي جنھن بعد پوليس رواني ٿي وئي. ان ڏس ۾ جوابدارن شاھجھان ۽ وسيم شيخ ۽ سندن رشتيدارن رمضان شيخ ۽ علي اصغر شيخ ٻڌايو ته اسان ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ليٽر ملڻ جو انتظار ڪري رھيا ھئاسين ته پوليس عدالتي احاطي اندر داخل ٿي زوري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي اسان کين ٻڌايو ته ضمانت ٿي چڪي آھي پر اھلڪارن ڳالهھ ئي نه ٻڌي ۽ تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا. ھنن چيو ته هو پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندا. ٻي طرف جوابدارن جي وڪيل عرفان گل ميمڻ جو چوڻ آھي ته پوليس کي عدالتي احاطي اندر داخل ٿي ڪنھن تي تشدد ڪرڻ جو ڪو قانوني اختيار ناھي، ضمانت ٿيڻ باوجود اھلڪارن عدالتي احاطي ۾ داخل ٿي ڪورٽ روم جي سامھون جوابدارن کي مارڪٽ ڪري عدالت جي توھين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، هو بار ايسوسيشن پاران پوليس خلاف سومر ڏينھن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندا. ھوڏانھن پوليس جو چوڻ ھو ته جوابدار ڦر ڪيس ۾ روپوش ھئا، عدالت جو وقت ختم ٿي چڪو ھو پر جوابدار اتي موجود ھئا، ڪيس ۾ روپوش ھجڻ ڪري کين وٺڻ آياسين ۽ ضمانت ٿيڻ جو پتو پوڻ تي نه گرفتاري ڪئي نه تشدد ڪيو، لڳايل الزام غلط آھن.

Bookmark the permalink.