تازا ترين
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

سجاول جي ٽن شگرملز آبادگارن جا 80 ڪروڙ ادا نه ڪيا

علائقي ۾ ڪمند جي پيڙائي شروع نه ٿيڻ ڪري چيٽ جي پوکائي سخت متاثر ٿيڻ لڳي

ديوان ۽ لاڙ شگر ملز پاران ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪرڻ سبب آبادگار پريشان

سجاول(رپورٽ مشتاق سعيد) سجاول ضلعي جي 3 شگر ملز ڏانھن آبادگارن جون 80 ڪروڙ روپيا بقايائون رھيل آهن، جڏهن ته ملز پيڙائي شروع نه ڪئي آهي، جنهن ڪري چيٽ جي پوکي متاثر ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ سجاول ضلعي جي 3 شگر ملز شاھمراد شگر مل، ديوان شگر مل ۽ لاڙ شگر مل اڃا تائين ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪئي آھي ۽ سنڌ سرڪار پاران ڪمند جو اگھ پڻ مقرر نه ڪيو ويو آھي جنھن ڪري ضلعي جا آبادگار پريشان آھن آبادگار ۽ ڪمند جي واپاري صديق ميمڻ ٻڌايو ته ٽنھي ملز ڏانھن آبادگارن جي 80 ڪروڙ روپيا بقايا رھيل آھي جيڪا ادا ڪرڻ لاء ملز انتظاميا اڃا تائين ڪا پاليسي يا طريقيڪار نه جوڙيو آھي. ٻئي طرف جي يو آءِ اڳواڻن مولانا صالح الهداد، مولوي محمد حنيف سومرو ۽ ٻين چيو آھي ته سيءُ وڌڻ ڪري ڪمند جو رس سڪي رھيو آھي، جلد ملز ھلائي ڪمند جي خريداري ڪئي وڃي ته جيئڻ آبادگار نقصان کان بچي سگھن ۽ چيٽ جي پوکي ڪري سگھن ھنن مطالبو ڪيو ته ڪمند جو اگھ 250 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ھوڏانھن شاھمراد شگر مل جي جنرل مينيجر جمن ملاح چيو آھي ته شاھمراد ۽ ديوان شگر ملز ھلندڙ ھفتي ۽ لاڙ مل ايندڙ ھفتي کان پيڙائي شروع ڪندي. ھن چيو ته ڪمند جو اگھ جيڪو سرڪار طئي ڪندي ان موجب خريداري ڪئي ويندي.



Bookmark the permalink.