تازا ترين
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

سجاول جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون محفوظ نه ٿيون، گرمي ۾ رکڻ سبب اثر ختم

دوائون 25 سينٽي گريڊ کان گھٽ گرمي پد تي سج جي روشني کان محفوظ رکڻيون هونديون آهن

52 ننڍين وڏين اسپتالن، مرڪزن توڙي ميڊيڪل اسٽورن ۾ دوائون هاءِ ٽيمپريچر تي رکيل

سجاول: سجاول ۾ جان بچائيندڙ دوائن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ عالمي قانون نظر انداز، ھزارين دوائون اثر وڃائڻ لڳيون، مريضن جون جانيون خطري ۾ پيل.ان ڏس ۾ مريضن جي حياتي بچائيندڙ سمورين دوائن تي عالمي قانون تحت واضح لکيل ھوندو آھي ته دوائون 25 سينٽي گريڊ کان گھٽ گرمي پد تي سج جي روشني کان محفوظ، خشڪ ۽ ٿڌي جاءِ تي رکيون وڃن پر سجاول ۾ قانون نظر انداز ڪيو ويو آھي. سول اسپتال سجاول سميت ضلعي جي 52 ننڍين وڏين سرڪاري اسپتالن، بنيادي صحت مرڪزن ۽ رورل صحت مرڪزن توڙي ھڪ ھزار کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽورن ۽ نجي اسپتالن ۾ سموريون دوائون کليل جاءِ تي بنا ڪنھن حفاظتي انتظام جي رکيل آهن، سج جي روشني جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ نه ئي گرمي پد مخصوص رکڻ لاءِ ڪي انتظام ڪيل آھن، جنھن ڪري اڪثر دوائون اثر وڃائي غير موثر ٿي وڃن ٿيون. ڊرگ انسپيڪٽر جي آفيس سجاول ۾ نه ھجڻ ڪري ھو حيدرآباد ۾ رھي ٿو ۽ ضلعي جو دورو ڪرڻ وقت دوائون چڪاسڻ کانسواءِ رپورٽ تيار ڪري ٿو، جنھن ڪري ھزارين مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳل آھن. ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ به دوائون کليل ميزن يا المارين ۽ شوڪيسن ۾ رکيون وڃن ٿيون ۽ مارڪيٽن اندر واقع ميڊيڪل اسٽورن تي پڻ دوائون سج جي اس سامھون شيشن ۾ بند ڪري رکيون وڃن ٿيون جيڪي سياري توڙي اونھاري ۾ اتي ئي پيل ھجن ٿيون، ڌوڙ ۽ مٽي پڻ دوائن کي لڳندي رھي ٿي.

Bookmark the permalink.