تازا ترين
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ساڪري ۾ بجلي ٽرانسفارمر سڙڻ معمول بڻجي ويو، شهري پريشان

ميرپور ساڪرو: (ن پ ا) ساڪري ۾ بجلي ٽرانسفارمار سڙڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري پريشان آهن. ان ڏس ۾ ميرپور ساڪري شھر ۾ ٽي ٽراسفارمر ھڪ ئي ڌڪ ۾ سڙي ويا آهن. جنهن ڪري شھر جي ٽن علائقن ۾ گذريل چئن ڏينهن کان بجلي بند آهي ۽ رھواسي سخت گرمي ۾ ٻٽي عذاب ۾ ورتل آهن. بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ عملدارن پاران منٿلي وٺڻ جا به الزام سامهون آيا آهن، ھتان جي سياسي سماجي ۽ سڃاڻ ڌرين ايڪسن واپڊا ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جا ٽراسفارمر ٺھرائي غيرقانوني منٿلي ختم ڪرائي اسان جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن.

Bookmark the permalink.