تازا ترين
  • ملير:ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي*ڳوٺ فقير محمد گڏاپ سٽي ۾ جنازي نماز ادا، سعيد غني، عاجز ڌامراهه سميت ٻيا شريڪ*
  • خانپورمھر ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، انگ وڌي 35 ٿي ويو*ميرپورماٿيلو:گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا، انگ وڌي 299 ٿي ويو*
  • سکر ۾400 ڄڻن کان ورتل سيمپلز مان 40 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق*
  • ميرپورخاص ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ضلعي اندر متاثرن جو انگ وڌي 87 ٿي ويو*
  • پنهنجا هُجن يا مخالف، نئين پاڪستان ۾ ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي:شبلي فراز*شهباز شريف قانون کان ڀڄڻ بدران قانون کي منهن ڏئي:وفاقي وزير شبلي فراز جو ٽوئٽ*ن ليگين کي مشورو آهي ته قانون آڏو رڪاوٽون وجهي ڏوهه نه ڪيو وڃي:شبلي فراز*
  • ڪراچي: صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وگهي فوت*
  • حيدرآباد: سينيٽر مولا بخش چانڊيو سميت 5 گهر ڀاتي ڪورونا ۾مبتلا*مولا بخش چانڊيو، سندس زال ۽ پُٽ سميت 5 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي*ڪورونا وائرس جي تصديق بعد پاڻ ۽ گهر ڀاتين کي آئسوليٽ ڪيو آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • کنڊ اسڪينڊل تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرامو رچايو ويو آهي: مريم اورنگزيب*نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان عوام واقف آهي: ن ليگ ترجمان*نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ته عوام بني گالا مان عمران خان کي گرفتار ڪندو: مريم اورنگزيب*نيب جون ڪارراويون صرف مخالف ڌر خلاف پيون ٿين: راڻا ثناءُ الله*
  • لاهور: نيب ٽيم شهباز شريف جي گهر مان ناڪام واپس رواني ٿي وئي*
  • لاهور: نيب ٽيم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي وئي*لاهور پوليس جي وڏي نفري به شهباز شريف جي گهر ٻاهران موجود*شهباز شريف جي امڪاني گرفتاري جو ٻڌندي ئي نواز ليگ اڳواڻ به پهچي ويا*لاهور: نواز ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو شهباز شريف جي رهائشگاهه آڏو مظاهرو، ڌرڻو*
  • *گمبٽ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، 21 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *گيسٽرو مريضن ۾عورتون، ٻارڙا ۽ نوجوان شامل *
  • *اينٽي ڪرپشن پاران ڊائريڪٽر ايلمينٽري اينڊ سيڪنڊري ڪراچي حامد ڪريم خلاف جاچ شروع *اينٽي ڪرپشن حامد ڪريم کي 3 جون تي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو *
  • *حيدرآباد: جعلي ڊوميسائل ٺهڻ خلاف نوجوانن جو پريس ڪلب سامهون احتجاج *ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *بدين مان چونڊيل ايم پي اي تاج محمد ملاح جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڊکڻ :ڳوٺ دڙي جاکري ٻاهران ڪار مان گولي لڳل لاش هٿ *مقتول جي سڃاڻپ اشتياق پٺاڻ ولد نظام الدين پٺاڻ طور ٿي،لاش اسپتال منتقل *

ساڪري جا سامونڊي بندرگاهه، تاريخي ڪوٽ ۽ قديم قبرستان وجود وڃائي ويٺا، ڪي ئي صرف ڪاغذن ۾ موجود

ملاڻي جو ڪوٽ، ڌاراجا رياست جي راڻي ارجن جو ڪوٽ ۽ قبرستانن کي سم ۽ ڪلر تباهه ڪري ڇڏيو

سامونڊي بندر جاکي، سوکي بندر، ڪيٽي بندر به سنڀال نه ٿيڻ ڪري تباهه ٿي ويا

ميرپور ساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) ميرپور ساڪري جا تاريخي ڪوٽ سامونڊي بندرگاهه ۽ قديمي قبرستانن سميت ماضي جا مشهور ماڳ سرڪار ۽ قديم آثارن واري کاتي جي بي ڌياني سبب پنهنجو پراڻو شاهڪار حسن وڃائي ماضي جو قصو بڻجي ويا آهن، انهن ڪوٽن ۾ ملاڻي جو ڪوٽ، ڌاراجا رياست جي حاڪم راڻي ارجن جو ڪوٽ، سامونڊي بندرگاھ جاکي سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي پنھنجو اصلي مقام وڃائي ويٺا آھن. سرڪار ۽ قديم آثار کاتي جي لاپرواھي سبب ڪافي ھنڌ صرف ڪاغذن ۾ نالي ماتر ئي وڃي بچيا آھن ۽ ڌرتي جي گولي تان مٽجي غائب ٿي ويا آھن. ميرپور ساڪري جي ساڃاونڌ ڌرين سنڌ سرڪار ۽ قديم آثار کاتي کان گھر ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته قديمي ماڳن جي بحالي لاء ھر سال ايندڙ بجٽ ماڳن تيصحيح نموني سان خرچ ڪري اسان جا ماضي جا قديمي ماڳ بچايا وڃن ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي تاريخي ڄاڻ ملي سگھي. ان ڏس ۾ تاريخي قبرستان قدمن وارو مقام، ڳاڃين وارو مقام، جاکي بندر ، سوکي بندر، ڪيٽي بندر، ملاڻين جو ڪوٽ، ڌاراجه رياست جي حاڪم راڻي ارجن جو ڪوٽ، پنج پيرو مقام ۽ ٻيا ڪافي سارا ماڳ به هتان جي تاريخي سڃاڻپ آهن. انهن قبرستانن ۾ وقت جي ويڙھو، جنگجو جوڌا جوان جن ۾ سنڌ جو سپھ سالار ڄام سوڍو اويسر، ڄام عالي سمون، رحمت الله ملاڻي، ڪجھ ڪلمت قبيلي جا ماڻھون ۽ جوکيه قوم جا اڳوڻا اڳواڻ پڻ مدفون ٿيل آھن. پر انهن جون قبرون ڪوٽ بندرگاھ ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ قبرستان سرڪار ۽ قديم آثار کاتي وارن جي بي ڌياني سبب ڏينھون ڏينھن ماضي جو قصو بڻجي رهيا آهن. جڏھن ته انھن ماڳن مقامن جي بحالي لاءِ ھر سال ايندڙ لکين رپيا بچيٽ ڪرپشن جي ور چڙھي وڃي ٿي، تعلقي ميرپور ساڪرو جي سماجي اڳواڻ خدابخش لاشاري، اي ڊي شيخ، ، ميرمرتضيٰ لاشاري، اعجاز احمد شيخ،غازي بلوچ، سرور ڪاتيار، علم الدين رند، غلام شاھ بخاري ۽ ٻين سنڌ سرڪار ۽ قديم آثارن کاتي جي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته قديم آثارن تي ار يندڙ سالياني بجيٽ صحيح نموني سان قديمي ماڳن مڪانن تي خرچ ڪري اسان جي ماضي جي اھڃاڻن کي بچايو وڃي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي ماضي جي قديم ماڳن بابت ڄاڻ ملي سگھي.

Bookmark the permalink.