تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

سانگھڙ ضلعي ۾ ثقافت ڏڻ ملهائڻ جون تياريون زور وٺي ويون، رهواسين پاران ڀرپور آجيان

سانگھڙ، جهول، ٽنڊو آدم، شهدادپور، سنجھورو، دلور موري، ڪرڪلي، رڪن ٻرڙا، ڄام نواز علي واسي پرجوش

مختلف جاين تي 6 ڊسمبر تي ميڙاڪن جا پروگرام رٿيل، پنهنجي ثقافت ياد رکندڙ قومون هزار سال جيئن ٿيون:اڳواڻ

سانگهڙ(رپورٽر) سانگھڙ ضلعي ۾ 6 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان تياريون زورن سان جاري آهن. سانگھڙ شهر کان سواءِ جھول، ٽنڊو آدم، شهدادپور، سنجھور، ننڍن وڏن اسٽاپن دلور موري، ڪرڪلي، رڪن ٻرڙا، ڄام نواز علي، ٻيراڻي شهر ۽ ٻين جاين تي ماڻهن ايڪتا ڏڻ ملهائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. دلور موري، ڳوٺ بخشڻ بوزدار جي رهواسين خادم حسين لاکو، لياقت علي بوزدار، شاهجاهن، بوزدار، علي محمد لاکو، مظهر لاکو، شفق الرحمان بوزدار، حبيب الله بوزدار، محمد عمر ڪلوئي، عظيم ڪلوئي، محرم مڱڻهار، مستري ڪاشف بوزدار، لالو ڀيل، يعقوب سهتو، عرفان سهتو، نثار سهتو ۽ ٻين چيو آهي ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيمز نيوز پاران 6 ڊسمبر واري ڏينهن تي اعلانيل ثقافت ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين. هنن چيو ته پنهنجي اخبار ميڊيا گروپ جي سرواڻ سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ ۾ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو آهي، اسين سنڌي سندس اهو عمل ڪڏهن نه وسارينداسين. هنن چيو ته جيڪي قومون پنهنجي ثقافت کي ناهن وسارينديون اهي هزارين سالن تائين زنده رهنديون آهن، اسان جي قوم سان محبت جو واضح ثبوت موهن جو دڙو ۽ برهمڻ آباد جا قديم شهر آهن. ان موقعي تي هنن مطالبو ڪيو ته برهمڻ آباد ۽ موهن جي دڙي سميت سنڌ جي قومي ورثو قرار ڏنل قديم شهرن جي حفاظت لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

Bookmark the permalink.