تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سانگهڙ ويجهو چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، هڪ عورت سوڌو 4 زخمي

سانگهڙ(رپورٽر) سانگهڙ ويجهو خوفناڪ حادثو، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي. بچاءَ بند وٽ چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا جمعو پٽ يوسف، آصف پٽ مبارڪ ڪنڀر، بختاور ڌيءَ امين ڪنڀر، امين، ڪريم پٽ مراد ڪنڀر ۽ سومار مينگهواڙ زخمي ٿي پيا، جن کي سانگهڙ اسپتال نيو ويو، زخمين مان آصف ڪنڀر ۽ سومار ميگهواڙ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ٻين زخمين جو علاج جاري آهي.

Bookmark the permalink.