تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سامارو ڀرسان نوجوان دائِي سان جنسي زيادتي جي ڪوشش، جوابدار سوگهو، ڪيس داخل

سامارو(ن پ ا) سامارو ڀرسان نوجوان دائي سان جنسي زيادتي جي ڪوشش، الزام هيٺ آيل جوابدار سوگهو، ڪيس داخل، بودرفارم ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بشير احمد گاڙھيو ۾ نوجوان دائِي سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس ڏير لڇمڻ ميگهواڙ جي فرياد تي بودر فارم ٿاڻي تي جوابدار اصغر جٽ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار منجهند ڌاري گهر ۾ گهڙي ناري سان زبردستي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، سندس رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي جوابدار کي پڪڙي ورتو.

Bookmark the permalink.