تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سامارو لڳ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل پيرسن ويڪسين باوجود فوت

سامارو(ن پ ا) ساماري لڳ يوسي گلزار خليل جي ڳوٺ حاجي شريف رنڌاو جي رھواسي پيرسن 65 سالن ناظر حسين کي اڍئي مھينا اڳ رولو ڇتي ڪتي ڏاڙھيو ھو. فوتي جي وارثن دلاور حسين رنڌاوا ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي پيرسن ناظر حسين کي اڍائي مھينا اڳ رولو ڇتي ڪتي ڏاڙھيو ھو اسان سامارو جي تعلقي اسپتال مان مڪمل ويڪسين ڪرائي ھئي پر ان جي باوجود به اسان جو پيرسن ناظر حسين اڍائي مھينن بعد ربيز ۾ مبتلا ٿي اڄ فوت ٿي ويو. وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کي معلوم ٿيو آھي ته تعلقي اسپتال ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ جنريٽر نٿو ھلايو وڃي جنھن سبب اسپتال جي فريج ۾ رکيل اھم ويڪسين ناڪارا ٿيو وڃي ٿي يا مدي خارج ويڪسين ڪئي وئي ھئي. وارثن پاران ويڪسين تي اعتماد نه ڪندي اسپتال انتظاميا مٿان غفلت ۽ لاپرواھي جو الزام هڻندي چيو ته اسان سان دوکو ڪيو ويو جنھن سبب اسان جو پيرسن فوت ٿيو آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي. ٻئي طرف فوتي پيرسن کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوتي پيرسن جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي. واضع رھي ته تعلقي ساماري ۾ مختلف علائقن ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙھيل ماڻھن کي تعلقي اسپتال سامارو مان ويڪسين ٿيڻ جي باوجود به ربيز ۾ مبتلا ٿي فوتگين جا پڻ واقعا پيش آيل آھن.

Bookmark the permalink.