تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

ساس مرڪزي عهديدارن جو اجلاس، سنگت پبليڪيشن بحال

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جو اجلاس، سنگت پبليڪيشن ۽ ٻارن جي سنگت پبليڪيشن باضابطه طور بحال، 20 آڪٽوبر تي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جو اجلاس حيدرآباد ۾ مقامي هوٽل ۾ ٿيو جنهن ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، عورت جوائنٽ سيڪريٽري آپا نذير ناز، خزانچي نعيم ملڪ، آڊيٽر قادر جاگيراڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل صلاح مشوري سان 20 آڪٽوبر تي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪندي ضلعي رابطا سيڪريٽرين کي پابند ڪيو ويو ته اهي آئينده جي سرگرمين لاءِ سالياني رٿا واري لکت سان شرڪت ڪن ۽ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ 2021ع سال لاءِ شاخن جون چونڊون ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪري مرڪز کي رپورٽ ڏين جڏهن ته مرڪزي عهديدار سنڌ جي مختلف شاخن جا دورا ڪري تنقيدي ادبي ڪلاس بحال ڪرڻ لاءِ عملي طور تحرڪ وٺندا. اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران سنگت پبليڪيشن ۽ ٻارن جي سنگت پبليڪشن بحال ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو جڏهن ته سنگت پبليڪيشن باضابطه جاري ڪرڻ لاءِ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي کي ذميواري ڏني وئي ۽ ٻارن جي سنگت پبليڪشن جاري ڪرڻ لاءِ سڄاڻ اديبن، الطاف ملڪاڻي، محبوب سنڌي ۽ صائب ميمڻ کي ذميواري سونپي وئي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ ٻيو گروپ ٺاهڻ جو محرڪ اسان سان وابستا اديب يا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل نه آهن. ان حوالي سان سنڌ جي ساڃاھ سان واڳيل اڻ ڌريا سنيئر اديب يا ڪا سڄاڻ ڌر تحرڪ وٺي ٿي ته اسين اڳ جيان سنڌي ادبي سنگت جي گڏيل ڪاز خاطر ان جي آجيان ڪنداسين ۽ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

Bookmark the permalink.