تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

سائره شر جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ٺري ميرواھ (ن پ ا): بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنگهار شر ۾ مبينا طور قتل ٿي ويل سائره شر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ناڪا چوڪ ٺري ميرواھ کان پريس ڪلب تائين وارثن پاران سهراب علي شر، نثار شر، طاهر شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وارثن ۽ مظاهرين ميڊيا نمائدن سان ڳالهائيندي چيو سائره شر جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي بوزدار وڏا پوليس هن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگهي آھي. اسان جي نياڻيءَ کي سندس مڙس ۽ ڏيرن گڏجي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو هو پر جوابدار اڃا تائين آزاد آھن. مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

Bookmark the permalink.