تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سئي گئس انتظاميا ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي بند ڪري ڇڏي

سئي سدرن انتظاميا طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي 100 ايم ايم سي ايف ڊي واڌو گيس ڏيڻ جو فيصلو

اڄ کان 3 ڏينهن تائين سنڌ جي صنعتن کي گيس فراهمي معطل رهندي: جاري پڌرائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سئي گئس انتظاميا جو ڪارنامو، ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سموري سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي بند ڪري ڇڏي، وزيراعظم جي هدايت تي سئي سدرن گئس ڪمپني انتظاميا طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي 100 ايم ايم سي ايف ڊي واڌو گيس ڏيڻ جو فيصلو، اڄ کان 3 ڏينهن تائين سنڌ جي صنعتن کي گيس فراهمي معطل رهندي، سي اين جي اسٽيشنز اڄ ۽ سڀاڻي گيس جي فراهمي کان محروم رهنديون.

Bookmark the permalink.