تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

زيادتي واقعي تي تاثر ڏنو ويو ته رياست رات جو سمهي پوندي آهي: مريم نواز

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ پنجاب عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي واقعن تي اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو، مريم نواز چيو آهي ته موٽر وي تي شرمناڪ واقعي سان عوام خاص طور عورتون ڏڪي ويون آهن، پهرين حڪومت آئي آهي جيڪا هر واقعي جو الزام مظلوم تي مڙهي ٿي. ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته سانحي ۽ الميي ۾ فرق هوندو آهي، سانحو موٽر وي تي ٿيو ۽ الميو اهو آهي ته سي سي پي او جي پيغام مان اهو واضح ٿي ويو ته رات جي وقت شهرين جي حفاظت اسان جي ذميواري ناهي، موٽر وي تي ڊرائيونگ ڪندڙ عورت رياست جو مسئلو ناهي، حڪومت نه حفاظت ڪري سگهي ٿي ۽ نه مظلوم جي داد رسي ڪري سگهي ٿي، اهو پيغام هن ملڪ جي عورتن کي ڏنو ويو، هن ملڪ جي شهرين کي ڏنو ويو، اهو سانحي کان وڏو الميو آهي. هن چيو ته سرڪاري گاڏين ۾ رات ڏينهن خاندانن سان گڏ سفر ڪندڙ سرڪاري گارڊ رکڻ وارن حڪومتي ميمبرن ۽ سي سي پي او کي ڪهڙي خبر ته هر عورت وٽ گاڏي موجود ناهي هوندي، هن ملڪ جي عام عورت کي گهران نڪرڻو پوندو آهي، ڀلي اها ڪٿي به هجي ان جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. سندس موجب هن حڪومت کان سوال ڪرڻ گهرجي ته هڪ بدنام آفيسر ۾ اهڙو ڇا آهي جو ان جي بچاءَ لاءِ وفاقي وزير به ميدان تي لهي پيا ۽ سرڪاري ترجمان به صفن ۾ اچي ويا؟ ڇا توهان اهو پيغام ڏئي رهيا آهيو ته رياست 12 وڳي کانپوءِ سمهي پوندي آهي يا هتي جهنگ جو قانون آهي؟ حڪومتي رويو ڳڻتيءَ جوڳو آهي، توهان ڏوهاري بدران مظلوم تي الزام هڻي بگهڙن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيو، توهان کي شرم اچڻ گهرجي. ٻئي طرف نواز ليگ پنجاب جي اطلاعات سيڪريٽري عظميٰ بخاري جاري ڪيل اڇي چٺي ۾ چيو ته جنوري 2019ع کان ڊسمبر تائين پنجاب ۾ 1125 ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، سال 2019ع ۾ لاهور ۾ 123 ٻارن سان بدفعلي ڪئي وئي، سال 2020ع ۾ جنوري کان جون تائين ٻارن تي جنسي تشدد جي واقعن جو سڀ کان وڌيڪ تعدداد پنجاب صوبي ۾ رپورٽ ٿيو، پنجاب ۾ مجموعي طور 853 ٻار بدفعلي جو شڪار ٿيا.

Bookmark the permalink.