تازا ترين
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

زمين جيان ادب به آلوده آهي، ٻيٽ ۾ رهي شعر يا افسانو سرجي نٿو سگھي: اردو ڪانفرس

سنڌو ڪشمير کان ڪشمور تائين سڀني کي ڳنڍيو آهي، تيئن اردو برصغير کي جوڙيو: سردارشاهه

اسان وٽ رڳو فن ۽ ادب بچيل آهن، پڙهندڙن کي جاڳائي سندن خوف ختم ڪرڻو پوندو: حارث خليق

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) ناليوارن اديبن چيو آهي ته اردو ٻولي برصغير کي ڳنڍي رکيو، ڪنهن ٻيٽ ۾ رهي شعر يا افسانو تخليق نه ٿو ڪري سگھجي، گلوبلائيزيشن جي نالي تي لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل اردو ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ثقافت واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته اسان دانشورن کان لِکڻ، پڙهڻ ۽ هلڻ سِکيو آهي، اڄ جي ڪانفرنس ثقافتي ويجهڙائپ قائم ڪرڻ ڏانهن هڪ قدم آهي، جيترا به لکڻ وارا هتي موجود آهن، انهن جي پاڪستان کي ضرورت آهي، پنجابي، بلوچي، سنڌي ۽ پشتون شاعرن پاڪستان جي خدمت ۽ امن توڙي محبت جو درس ڏنو آهي، هن چيو ته اسان هر لهجي ۾ اردو ڏٺي آهي، جنهن ريت سنڌو ندي ڪشمير کان ڪشمور تائين سڀني کي ڳنڍي رکيو آهي، تيئن اردو به برصغير کي جوڙي رکيو آهي، اسان کي ڪنهن به ٻولي سان نفرت نه پر پيار آهي، آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاھ چيو ته اردو ٻولي تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هزارين سال پراڻين ٻولين لاءِ پنهنجو سينو کولي، هن ڀيري عالمي اردو ڪانفرنس ۾ ٻين ٻولين کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هي اردو ڪانفرنس ثقافتي ڪانفرنس ۾ تبديل ٿي وئي آهي. اسان جي شهر ڪراچي ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿي ويا، سوچڻو پوندو ته آخر ڪيستائين وڙهندا رهنداسين؟ پرامن معاشري کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، هن چيو ته پنجاب اردو کي وڏي سپورٽ ڪئي. سنڌ جي وڏن شاعرن اردو ۾ شاعري ڪئي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري حارث خليق چيو ته اردو ڪانفرنس جو ميڙ اسان کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان پنهنجن حالتن ۽ واقعن کان ڪيتري قدر باخبر آهيون، اسان فطرت ۽ سماجي بحران جو شڪار آهيون، اظهار جي آزادي تي پابندي آهي، ڪمرشل ميڊيا اسان جي معاشري ۾ انتشار پکيڙي رهي آهي، اسان جي علمي پسماندگي اجتماعي فِڪر کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو آهي. هن وقت اسان وٽ صرف فن ۽ ادب وڃي بچيو آهي، پڙهڻ وارن کي جاڳائي سندس خوف ختم ڪرڻو پوندو، جيئن اڳتي وڌڻ واري سفر کي روان رکي سگھجي. ڀارت کان آيل پروفيسر شميم حنفي ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به ٻيٽ ۾ رهي ڪو شعر يا افسانون تخليق نه ٿو ڪري سگھجي، زندگي جي رفتار تيز ۽ ادب جي رفتار سست ٿيندي پئي وڃي، اسان زمين سان گڏ ادب کي به آلوده ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته گوڙ گھمسان ۾ ادب تخليق نه ٿو ڪري سگھجهي، اڄ اسان جنهن اونداهي ۾ موجود آهيون ان جو سبب به انڌاڌنڌ ترقي آهي. ادبي اخلاقيات کانسواءِ اسان اڳتي نه ٿا وڌي سگھون، تاريخ ۽ سماجيات جي دنيا الڳ الڳ آهن، گلوبلائيزيشن جي نالي تي لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، اڄ جي دور سان گڏ اسان کي پنهنجن روايتن کي ٻيهر سمجھڻو پوندو.



Bookmark the permalink.