تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

زلفي شاهه جي ٺٽي ضلعي جي ناٽڪ منڊلي زوال جو شڪار، ثقافت کاتي سار نه لڌي

ضلعي ۾ 1970ع کان 1995ع تائين اسٽيج ڊرامن جو عروج رهيو

زلفي شاهه عرف بصر بادشاهه سنڌ سطح تي پنهنجي اداڪاري ذريعي شهرت ماڻي

ٺٽو(رپورٽ غلام محي الدين سومرو) سنڌ جي تمام ضلعن جيان ٺٽي ضلعي ۾ اسٽيج ڊرامن جو سنهري دور پنهنجي پڄاڻي پهچي چڪو آهي اسٽيج ناٽڪ منڊيون زوال جو شڪار بنجي ماضي جو قصو بڻجي ويون آهن.ضلعي ۾ 1970ع کان وٺي 1995ع تائين اسٽيج ناٽڪ منڊلي جو سنهري دور رهيو ان وقت ٺٽي ضلعي جي مشهور معروف اداڪارن ۾ استاد هارون جاکرو عرف راجو البيلو، استاد پرنس قريشي، استاد عيسيٰ يوسف انور جهڙن هدايتڪارن جي هدايتڪار ۾ اهڙن اهڙن يادگار ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جيڪي ڊراما ڏسندڙن کان اڄ تائين نه وسري سگهيا آهن. 1995ع کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي ٽي وي چينلن جي اچڻ کان پوءِ آهستي آهستي ناٽڪ منڊليون ويران ٿيندي ويون پر پوءِ به اسٽيج ڊرامن جو دور هلندو رهيو 1980ع کان نالي وارن اداڪارن استاد يعقوب ڪلهوڙو، قاضي الله ورايو نسيم، راجا امير حمزو ڀان، غلام نبي شاهه پنهنجو پاڻ ملهايو 1986ع کان سنڌ سطح تي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري مشهوري ماڻيندڙن ۽ پنهنجو نالو ڪمائيندڙ اداڪارن ۾ زلفي شاهه عرف بصر بادشاهه، اڪبر دلواڻي ۽ يوسف رضا جو شمار ٿئي ٿو. اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ منڊيون هن وقت ٺٽي ضلعي ۾ ثقافت کاتي جي سرپرستي نه هئڻ ڪري تقريبن ختم ٿي چڪيون آهن، اسٽيج ڊرامن جي مشهور اداڪارن پنهنجي اندر ۾ ويٺل اداڪار کي مرڻ کان بچائڻ ۽ فن جي اُڄ اجائڻ لاءِ ٽيلي فلمن جو سهارو ورتو آهي هن وقت ٺٽي ضلعي جي جن اداڪارن ٽي وي ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن ۾ سنڌ سطح تي پنهنجو نالو ڪمايو آهي، انهن ۾ استاد يعقوب ڪلهوڙو، ذلفي شاهه عرف بصر بادشاهه، اڪبر دلواڻي، رشيد راجا، عرس ناريجو، اعجاز واريو، بچايو صابرو، حميد لاسي، قادر جاکرو، شفيق ڀٽي، منظور جاکرو ۽ منظور حساس شامل آهن غربت ۽ ثقافت کاتي جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب نوري ڄام تماچي ۽ سسئي پنهون جو پس منظر رکندڙ ٺٽي ضلعي ۾ ناٽڪ منڊليون ويران ٿي ويون آهن ناٽڪ منڊلين، اسٽيج ڊرامن جي اداڪارن، هدايتڪارن ۽ ليکڪن جي سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران ڪا به واهر ڪرڻ وارو ڪونهي ٺٽي ضلعي ۾ اڄ به اسٽيج جي زوال پذير دنيا جا لازوال ثقافت کاتو سندن مالي مدد ڪري ته زوال جو شڪار بڻيل ناٽڪ منڊلين کي ٻيهر عروج ڏئي عوام جي تفريح ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري بهترين اسٽيج ڊراما پيش ڪري سگهجن ٿا.

Bookmark the permalink.