تازا ترين
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

رڳو انگ نه ٻڌايو: وڏي وزير جي ڊينگي ڪنٽرول اختيارين کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن تي وڏي وزير پاران ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جي اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ، وڏي وزير مراد علي شاهه ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جي اختيارين کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته رڳو اسپتالن مان ڊينگي ڪيسن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ڪافي ناهي، ليبارٽين مان انگ گڏ ڪرڻ سميت پاڻ ئي سروي ڪئي وڃي، وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڊينگي جي گذريل سال وارن انگ اکرن ۽ هاڻي واري انگن اکرن کي ڀيٽايو وڃي، ڪيسن جي وڌڻ جا ڪارڻ معلوم ڪري جاڳرتا مهم هلائي وڃي. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاھ جي جي سربراهي ۾ ڊينگي ڪيسن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جي اختيارين پاران ٻڌايو ويو ته ملڪ جا سڀئي صوبا ڊينگي انفيڪشن وگهي متاثر ٿيا آهن. پهرين ڊسمبر 2019 تائين ملڪ ۾ 52476 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن ۾ 13283 ڪيس اسلام آباد، 10051 پنجاب، 15521 سنڌ، 7080 ڪي پي ڪي، 3386 بلوچستان ۽ 1690 آزاد ڪشمير ۾ رپورٽ ٿيا آهن. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪراچي جو ضلعو ڏکڻ، اوڀر، ڪورنگي حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص وڌيڪ متاثر ٿيل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2019 ۾ مجموعي طور 43 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن مراد علي شاهه ڊينگي ڪنٽرول پروگرام کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل کاتن سميت ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊينگي مڇرن جي واڌ ويجهه واري عرصي بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن لاڳاپيل ادارا حفاظتي انتظام ڪري سگهن.

Bookmark the permalink.