تازا ترين
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

رپڙي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان جوابدار پنهنجي ويڳي ماءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو: خيرپور ۽ پيرڳوٺ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرياڻيون غائب

ڳوٺ آلي واهه ۾ صدام ناريجو ويڳي ماءُ نهالان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

خيرپور توڙي پيرڳوٺ اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻيون نه آيون، ٽن ڪلاڪن تائين لاش پيل رهيو

رپڙي/پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) رپڙي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان جوابدار پنهنجي ويڳي امڙ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پيرڳوٺ توڙي خيرپور اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿيو، وارثن جو احتجاج، وڏا مھيسر ٿاڻي جي حد ڳوٺ آلي واھ ۾ جوابدار صدام ناريجو مبينا گهرو اڻبڻت تان پنھنجي ويڳي ماءُ نھالان خاتون ناريجو کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال پھچايو، ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري خيرپور اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي 3 ڪلاڪن کانپوءِ وري پير جوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پيرجوڳوٺ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر درمحمد ميمڻ چيو ته ليڊي ڊاڪٽرياڻي ڪونهي، صبح جي ٽائيم واري ڊاڪٽرياڻي ڊيوٽي تي ايندي ته پوءِ پوسٽ مارٽم ڪرائي وٺنداسين، مقتول عورت جي وارثن سخت احتجاج ڪندي گهر ڪئي ته جلد عورت جو پوسٽ ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻئي طرف جوابدار صدام ناريجو پنهنجي ويڳي ماءُ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

Bookmark the permalink.