تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي پگهار جو 65 سيڪڙو ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت پاران رٽائرڊٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ بعد ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ تائين بنيادي پگھار جو 65 سيڪڙو پينشن طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري ملازم جي رٽائرمينٽ بعد رٽائرڊمينٽ وارن ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿيڻ تائين “قبل از وقت پينشن” تحت  ادائگي ٿيندي رھندي. پينشن لاءِ گھربل ڊاڪيومينٽس مڪمل ٿيڻ تائين آخري بنيادي پگھار جو  %65 پينشن طور ملندو رھندو، اھا پينشن سال تائين جاري رھي سگھندي.ناڻي کاتي جي نوٽيفڪيشن ۾ اڪائوٽنٽ جنرل سنڌ ۽ ضلعي خزاني آفيسرن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته جيڪڏهن ڪو ملازم رٽائر ٿئي ٿو، جيستائين انهي جا ڊاڪيومينٽ تيار ٿين ۽ جيڪڏهن مٿس ڪا انڪوائري به هلندڙ آهي، انهي باوجود به رٽائرڊ ملازمن کي آخري بنيادي پگھار جي 65 سيڪڙو ھر مھيني ادائگي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.