تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ريلوي کاتي جي دعوائن جا پول پڌرا: ڪوٽڙي کانپوءِ سکر ڀرسان ٽرين ۾ خرابي: مسافرن جو ٽرين جي ڇِت تي چڙهي احتجاج

شاليمار ايڪسپريس خراب ٿيڻ خلاف مسافرن احتجاج ڪيو، عورتن جي عملدارن سان منهن ماري

احتجاج دوران ريلوي عملي ڀڄي جان ڇڏائي: لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ سفر ڏکيو آهي، متبادل اي سي ٽرين مهيا ڪريو: مسافر

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي دعوائون ڌوڙ: سنڌ ۾ ريل گاڏين جي انجڻ خراب ٿيڻ معمول بڻجي ويو. لاڙڪاڻو ۽ ڪوٽڙي ۾ ٽڙينز جون انجڻيون خراب ٿيڻ بعد شکر وٽ شاليمار ايڪسپريس جي اي سي خراب ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسافرن کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو. سکر ريلوي اسٽيشن وٽ مسافرن بيزار ٿي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو، جنهن دوران مسافر ٽرين جي انجڻ ۽ ڇتين تي چڙهي ويا. عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ مسافرن ريل گاڏيءَ تي چڙهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جنهن دوران اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري ۾ شامل مڇريل عورتن ريلوي عملي سان به منهن ماري ڪئي، جنهن دوران پوليس وچ ۾ پئي عملدارن جي جان ڇڏائي. مسافرن جو چوڻ آهي ته اي سي ٽرين جي ٽڪيٽ وٺڻ باوجود شاليمار ايڪسپريس ۾ اي سي نٿي هلائي وڃي، ڪاڙهي جهڙي گرمي ۾ کين تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي، جڏهن اختيارين کي اي سي هلائڻ لاءِ چيو ته رڳو ايترو جواب ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا ته اي سي خراب آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته شاليمار ايڪسپريس جي اي سي فوري ٺيڪ ڪري وئي وڃي، يا وري کين متبادل ٽرين مهيا ڪئي وڃي ته جيئن کين خواري جو سفر نه ڪرڻو پوي.

Bookmark the permalink.