تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ريلوي کاتي جا جُڳاڙي ڪم: علامه اقبال ايڪسپريس جي هڪ بوگيءَ جي ٽٽل لورز کي رسيءَ سان ٻڌي ٽرين کي روانو ڪيو ويو

پڊ عيدن ڀرسان هڪ بوگيءَ جو لورز ٽٽي پيو، عملي جي جُڳاڙي ڪم سبب مسافرن ۾ خوف

پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ڀرسان علامه اقبال ايڪسپريس جي هڪ بوگي جو بريڪ ليور ٽُٽي پيو، عملي انوکو ڪارنامو ڪندي بوگي جو بريڪ ليور رسي سان ٻڌي ٽرين کي روانو ڪيو، مسافرن ۾ خوف ۽ عملي سان منهن ماري، مسافرن جو چوڻ آهي ته ٽرين جي ٽُٽل ليور کي ٺاهڻ بجاءِ رسي سان ٻڌي ٽرين هلائي وئي، جيڪڏهن ٽرين سان ڪو حادثو پيش اچي ته ان جو زميوار ڪير ٿيندو، ٽرين عملي وٽ بريڪ ليور کي ٺاهڻ جا اوزار به موجود نه آھن.

Bookmark the permalink.