تازا ترين
  • ڪراچي پوليس جو سربراهه غلام نبي ميمڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو*ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪورونا جي تصديق بعد گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو*
  • ڪراچي ۾ لاپتا ٿيل علي عمران 22 ڪلاڪن کانپوءِ ظاهر، گهرڀاتين سان فون تي رابطو*
  • *راڌڻ: پوليس اھلڪار نديم لاشاري جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار *سيھڙ پوليس ڳوٺ گھارو ۾ ڇاپو هڻي جوابدار جوابدار طالب سرگاڻي کي گرفتار ڪري ورتو*
  • *ٽنڊو محمد خان ويجهو رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر،4ڄڻا زخمي *مير غلام علي پارڪ سامهون رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو *حادثي ۾ شاهه رخ ڀٽي، اڪبر پرهياڙ، قربان بروهي ۽ فاروق گنمڀير زخمي*
  • *دادو: ڇاڻو شاهه آباد پاڙي ۾ ذهني توازن ٺيڪ نه هجڻ ڪري ناري پنجن سالن کان گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل *ڌيءُ جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيا آهيون: پيءُ گل محمد سهارڻ *ڌيءُ جا زنجير کوليون ٿا ته ماڻهن سان وڙهي ٿي، ڌيءُ جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي: ماءُ *
  • *بلاول ڀٽو زرداري جو لاهور ۾ احتجاج تي ويٺل بلوچستان جي شاگردن واري معاملي تي بيان *پٺ تي پيل علائقن جي شاگردن کي ننڍيون مراعتون به نه ڏيڻ ذهني طور پوئتي ڌڪڻ برابر آهي: بلاول *هڪ شاگرد جي ٻئي صوبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ثقافتي تبديلي جو سبب بڻجندو آهي: بلاول*
  • *مدئجي ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت *مگسي لاڙي ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار غلام شبير ڌاريجو زخمي ٿي پيو *زخمي غلام شبير ڌاريجو کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *گهوٽڪي ۾ ميونسپل ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف زرعي دوائون هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج *ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ آپگهات ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو *جيڪڏهن پگهارون جاري نه ٿيون ته آپگهات ڪنداسين، ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل آفيسر هوندا: ملازم*
  • *سنڌ جي ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس خلاف حيدرآباد ۾ عوامي پورهيت تحريڪ طرفان احتجاج *سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي ڪنهن به قسم جي تعمير جي اجازت نه ڏينداسين: اڳواڻ *وفاقي حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري: اڳواڻ *وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي: اڳواڻ *
  • *فيض گنج: صادق آباد مان مبينا اغوا بعد قيد ڪيل ناري ڳوٺ نور آباد ۾ پهچي وئي، تحفظ جي اپيل *عطا محمد اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪري گهر ۾ رسن سان ٻڌي ڇڏيو: بشرا خاتون *بس تي هوسٽ طور ڪم ڪندي هيس، هڪ عورت نوڪري ڏيارڻ بهاني گهرائي عطا محمد حوالي ڪيو: دانهون *جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرايو وڃي: بشرا خاتون *بشرا سان شادي ڪئي آهي، الزام ڪوڙا آهن: اغوا جي الزام هيٺ آيل عطاءَ محمد*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيئرمين نيب جي رمضان شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرائڻ خلاف اپيل رد *عدالت ايس اي سي پي کي شگر مل جو قرض رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو: فيصلو *هاءِ ڪورٽ جي قرض رجسٽرڊ ڪرڻ خلاف نيب چيئرمين اپيل داخل ڪرائي هئي: فيصلو *چيئرمين نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي ناهي، ان ڪري رد ڪئي وئي: فيصلو*
  • *چوھڙجمالي ڀرسان پورهيت جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *35سالن جو لال چندر واپاريءَ وٽ بورچي طور ڪم ڪندو هو*
  • *ڪراچي: پوليو جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن مان سائيڪل ريلي *ڪراچي: سائيڪل ريلي ۾ مردن توڙي عورتن جو وڏو انگ شامل *ريلي 2 تلوار کان سمنڊ ڪناري ويندي, جتان واپس 2 تلوار پهچي ختم ٿيندي*
  • *خيرپورناٿن شاھه ويجهو ڪڪڙ شاخ کي30فوٽ گهارو پئجي ويو *ڳوٺ مصري چانڊيو وٽان ڪڪڙ شاخ کي 30فوٽ گهارو پوڻ سبب ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا، ڳوٺاڻا گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف*
  • *رائونتي: قتل ٿيل ناري شبيران شر جو لاش پوليس پاران حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڳولڻ کان انڪار *گذريل رات جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو: چو ٻول*

رياست عام شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، بُنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

حيران ڪُن طور رياست جون وزارتون ۽ ادارا ريئل اسٽيٽ جو غيرقانوني ڪاروبار ڪري رهيون آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رياست عام شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، بُنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ۽ شهرين جو انصاف جي نظام تان اعتبار کڄندو پيو وڃي، حيران ڪُن طور رياست جون وزارتون ۽ ادارا ريئل اسٽيٽ جو غيرقانوني ڪاروبار ڪري رهيون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ ڏوهن، گمشدگين ۽ زمينن تي قبضن جي ڪيسز ۾ شهزاد اڪبر جي طلبي بابت لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ادارن ۽ وزارتن جو ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ مفادن جي ٽڪراءُ جو سنجيده سوال پيدا ڪري ٿو، رپورٽس ٻڌائي رهيون آهن ته سسٽم ڪهڙي ريت ڪرپشن سٽيل ٿي ويو ۽ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته طاقتور ايليٽ قانون جا بخيا اڍيڙڻ ۾ سڌي ريت ذميوار آهن، شهرين جي بُنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل ادارا سڌي يا اڻسڌي ريت قانون ٽوڙڻ ۾ لڳل آهن، فيصلي ۾ شهزاد اڪبر کي 21 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال ۽ عام شهرين جي تحفظ لاءِ وزيراعظم کي ڪا ايڊوائيس ڏني، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد، وائيس چيئرمين بار ڪائونسل ۽ بار ائيسوسيئيشن جي صدر کي به طلب ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.