تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

روهڙي جي اسڪول ۾ نينگريءَ سان مبينا زيادتي جي ڪوشش: پٽيوالو سوگهو: پوليس گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀيڻ سان گڏ اسڪول ويس ته پٽيوالي شاهد ڀٽو زيادتي جي ڪوشش ڪئي: نينگري

جوابدار کي بااثر جي پٺڀرائي آهي، پوليس تڏهن کيس ظاهر نٿي ڪري: نينگري جو والد

روهڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روهڙي ۾ ڇوڪرين جي پرائمري اسڪول ۾ نجي طور رکيل پٽيوالي مبينا طور نينگريءَ سان ڏاڍائي ڪندي سوگهو ٿي ويو، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيو يارڊ ڪالونيءَ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ پهرئين درجي جي شاگردياڻي 7 ورهين جي وزيران ولد علي شيخ سان پٽيوالي مبينا طور ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. شاگردياڻين جي رڙين تي استاد ۽ ٻيون شاگردياڻيون پهچي ويون، جِن پٽيوالي شاهد ڀٽو کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته نينگري ۽ سندس والد به ٿاڻي تي پهچي ويا.
متاثر نينگري جو بيان
پوليس آڏو نينگري بيان ڏنو ته ڀيڻ سان گڏ اسڪول وئي هئي ته پٽيوالي اُن کي ڪلاس جون دريون صاف ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ کيس 10 رُپيا ڏئي ڏٽن سان واش روم ۾ وٺي ويو، جتي ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته هُن رڙيون ڪيون. ٻين استادن ۽ شاگردياڻين جي پهچڻ تي جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس سوگهو ڪيو ويو.
پوليس جوابدار کي لڪائي ڇڏيو
اُن موقعي تي بيان ڏيندي وزير علي شيخ چيو ته شاهد ڀٽو اسڪول ۾ نجي پٽيوالو آهي، کيس تر جي بااثر جي پٺڀرائي حاصل آهي، موقعي تي ئي جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو پر پوليس کيس اڻڄاتل هنڌ تي لڪائي ڇڏيو ۽ سندس گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي. هُن مطالبو ڪيو ته وحشي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
پوليس جو به گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان انڪار
ٻئي پاسي پوليس اهو اعتراف ڪيو آهي ته نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش دوران سوگهو ٿيل پٽيوالو سندن حوالي ڪيو ويو آهي، واقعي جو ڪيس به داخل ٿيو آهي، پر في الحال جوابدار کي ظاهر نٿو ڪري سگهجي.

Bookmark the permalink.