تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

روهڙي(ن پ ا) روهڙي ويجهو بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. پنوعاقل جي نوراجا واري علائقي جي رهواسي 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ روهڙي ۾ لينس ڊائون پل وٽ سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏنو. واقعي واري هنڌ موجود نيوي جي ريسڪيو عملي فوري ڪارروائي ڪندي نوجوان کي بچائي ورتو ۽ کيس ٻاهر ڪڍي روهڙي پوليس حوالي ڪيو. پوليس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڪافي عرصي کان بيروزگار ۽ بيماري آهي، جنهن مان تنگ اچي هن انتهائي قدم کنيو.



Bookmark the permalink.