
ريتي/اوٻاوڙو (ن پ ا) رونتي ويجهو هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو ڳوٺاڻي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ريتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان مھر وٽ موٽرسائڪل تي اوٻاوڙو کان گھر ڏانهن ويندڙ شخص تي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن حملو ڪري مٿن ڪلاشنڪوف جا فائر ڪيا، جنهن دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو ٿڏي تي مارجي ويو ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا. اطلاع تي ريتي پوليس کي پھچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوءِ تعلقي اسپتال اوٻاوڙو آندو. واقعي بعد سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا. مقتول جي سڃاڻپ محمد ايوب مزاري طور ٿي آهي، جنھن جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي.