تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

روس جي ميوزيم ۾ سياحن لاءِ لکين ڊالرز سان ڀريل ڪرسي پيش

اڍائي انچ بليٽ پروف گلاس سان ٺهيل “مني ٿرون ايڪس 10” ڪرسي ۾ هڪ ملين ڊالرز ڀريل

اليڪسي سرجينڪو پاران تيار ڪيل لکين ڊالرز سان ڀريل ڪرسي جي آرٽ ميوزيم ۾ نمائش

ڪراچي (دلچسپ نيوز) روس جي راڄڌاني ماسڪو جي هڪ ميوزيم ۾ ايندڙ سياحن لاءِ لکين ڊالرز سان ڀريل ڪرسي نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. مني ٿرون ايڪس 10 هڪ اهڙي ڪرسي آهي جيڪا اڍائيانچ بليٽ پروف گلاس جي مدد سان ٺاهي وئي آهي. هي انوکي ڪرسي هڪ ملين ڊالرز ماليت (پاڪستاني 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ) جي نوٽن سان ڀريل آهي. لکين ڊالرز سان ڀريل هي ڪرسي روسي راڄڌاني جي اتر ۾ آرٽ ميوزيم ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. هن ڪرسي کي روسي فنڪار اليڪسي سرجينڪو ارب پتي ڪاروباري شخصيت ايگورايباڪوف جي ڀائيواري سان ٺاهيو آهي. 47 سالن جي بلڊنگ ميتيريل سيلز مين هڪ سماجي تقريب جي موقعي تي هن ڪرسي جي نقاب ڪشائي ڪئي.روس جي صنعتي شهر ميگنيٽوگورسڪ سان واسطو رکندڙ رايباڪوف روس جي ڇت سازي ۽ انسوليشن جو مواد ۽ سسٽم ٺاهڻ واري سڀ کان وڏي صنعت ٽيڪنوڪول ڪارپوريشن جو مالڪ آهي. ان کان اڳ به سينٽ پيٽرز برگ ۾ گيز پروم ارينا ۾ بزنس ڪانفرنس دوران هنن حاضرين ۾ 2 لک ڊالرز گهوري ڇڏيا هئا.

Bookmark the permalink.