تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

رحيم يار خان ۾ نينگريءَ سان 7 ڄڻن جي زيادتي، 5 گرفتار

ڏهرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) رحيم يار خان جي آباد پور ٿاڻي جي حد وسطي قادر آباد ۾ سيعد احمد جي 14 سالن جي ڌيء ثناء بيبي کي گهر ٻاهران مبينا اغوا ڪري 7 ڄڻن پاران مبينا اجتمائي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.، جوابدار بعد ۾ شيخ واهڻ واري علائقي ۾ روڊ ڀرسان نينگري کي ڦٽو ڪري ويا, اطلاع تي قادرآباد ٿاڻي جي پوليس ۽ وارثن پهچي نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو, نينگري جي پيءُ سعيد احمد جي فرياد تي آباد پور ٿاڻي تي ستن جوابدارن قمر شاهه,اشفاق, اقبال, الله جوايو, سجاد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي, پوليس اقبال, قمر شاهه,الله جوايو, سجاد کي گرفتار ڪري ورتو آھي, پوليس موجب ٻيا جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا, اسپتال مان نينگري جو ميڊيڪل ڇيڪ اپ به ڪرائي رهيا آهيون. نينگري جي پيءُ پنجاب جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

Bookmark the permalink.