تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

رحيم يار خان واسڻ ناري روهڙيءَ جي نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي، تحفظ جي گھر

خيرپور (رپورٽر) رحيم يار خان جي ناري روهڙي جي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالت ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس رحيم يار خان جي رهواسڻ مسمات ثناءَ ياسين روهڙي جي ڳوٺ اروڙ ٻنڊو جي رهواسي نوجوان نادرعلي ولد خادم حسين ميربحر سان خيرپور ۾ پنهنجي وڪيل غلام جعفر ٻرڙو معرفت شادي ڪري ڇڏي، بعد ۾ جوڙي صحافين کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي مرضيءَ سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي پر ناريءَ جو والد محمد ياسين، چاچو مشتاق ۽ ماما سليم ۽ امجد اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري اسان دربدريءَ جو شڪار ٿي ويا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

Bookmark the permalink.